پريالوء ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ناري ڪراچي جي عدالت ۾ سوٽ سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ناري جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو تفصيل موجب ٽي ڏينهن اڳ پريالوء ڀرسان ڳوٺ ميهڙ الدين کيڙو مان مبينا طور تي اغوا ڄاڻايل 19 سالا دعا ڌي ثناءالله کيڙو ڪراچي جي عدالت ۾ پنهنجي سوٽ نعمان پٽ هدايت الله کيڙو سان پسند پرڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ناري دعا کيڙو چيو آهي ته مون کي چاچو هدايت الله تشدد ڪندو هو هي نشان منهنجي ٻانهن تي ظاهر آهن ۽ مونکي زنده دفنائن جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد گهران نڪري سوٽ نعمان سان پسند جو پرڻو ڪيو؛ هي منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو آهي ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري وارثن پاران اهو ڄاڻانايو ويو هو ته ڪار سوار 5 هٿياربندن سندس گهر تي حملو ڪري سندس نوجوان ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي فرار ٿي ويا آهن