پريالوء ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ 24 ڪلاڪن جي اندر درياهه جو پاڻي اٿلڻ سبب ٽي حصا پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي

پريالوء ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ 24 ڪلاڪن جي اندر درياهه جو پاڻي اٿلڻ سبب ٽي حصا پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي 40 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ڳوٺاڻن طرفان 2010 ۽ 2015 واري ٻوڏ دوران ٿيل نقصان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ جو سلسلو تيزيءَ سان شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته برساتن سبب الرا جاگير بچاء بند کي 5 کان 10 فٽن تائين روڻون پئجي ويون آهن پر ان جي باوجود هن محل تائين بيلدار کان ويندي انجنيئر تائين ڪوبه آبپاشي عملدار بند ٿي نه پهتو آهي ان سلسلي علائقي جي سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان تيزيءَ سان پاڻي ۾ واڌ اچي رهي ۽ آبپاشي عملدارن جي نااهلي کي ڏسندي خطرو آهي ته بچاء بند ٽٽي سگهي ٿو هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهليءَ جو نوٽيس وٺي الرا جاگير بچاء بند نگراني شروع ڪئي وڃي ته جيئن ڪنھن به اڻ وڻندڙ صورت حال کان بچي سگهجي