پريالوء شهر جي ميمڻ محلي جي رهواسي بدرالدين ميمڻ جي 10 سالا پٽ سعد الله ميمڻ جو لاش پريالوء شهر ڀرسان انبن جي باغ ۾ قائم ڦٽل کوهه ۾ پيل ڏسي علائقي واسين پريالوء پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد پريالوء پوليس پهچي نينگر جو لاش کوهه مان ڪڍرايو ته فوتي نينگر جي پيءِ بدرالدين ميمڻ فوتي نينگر جي سڃاڻپ سندس پٽ سعد الله ميمڻ طور تي ڪئي ان موقعي تي فوتي نينگر جي پيءُ ٻدايو ته سندس پٽ سالا پٽ صعد الله ميمڻ 11 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويو هو جنهن جي وارثن مختلف شهر مان ڳولها ڪرڻ جي باوجود نه ملي سگهيو جنهن جو لاش کوه مان هٿ آيو آهي هن وڌيڪ ٻدايو ته سندس ڪنهن سان ڪابه دشمني ڪانه آهي پٽ مستانو ۽ گونگو هو سندس دماغي توازن درست ڪونه هو جنهن ڪري اتفاقي طورتي کوهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو تنهنڪري ڪابه قانوني ڪاروائي ڪونه ڪنداسين جنهن بعد فوتي نينگر جو لاش سندس وارث بناپوسٽ مارٽم جي گهر کڻائي پهتا ته سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو