پريالوء ۾ لوڊر رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٻن نينبگرين سميت 4 ڄڻا سخت زخمي اسپتال داخل

تفصيل موجب پريالوء ۾ ٿاڻي چوڪ تي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو کان پريالوء ايندڙ موٽرسائيڪل ۽ لوڊر رڪشا ۾ زوردارٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جي ٻن نينگرين اجوا ڌي عبدالغفار ڪلهوڙو ڪوثر ڌي عبدالغفار ڪلهوڙو مسمات صغران زال عبدالغفار ۽ عبدالواجد پٽ عبدالغفار ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيا جن کي موقعي تي موجود ماڻهن زخمي حالت ۾ کڻائي رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي پهچايو جتي سندس علاج هلندڙ آهي