پريالوء: 4 محرم جو قديمي جلوس برآمد

پريالوء :مان خيرپور ضلعي جو وڏو ۽ قديمي 4 محرم الحرام جو ماتمي جلوس وڏي احترام ۽ عقيدت سان برآمد ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين عزادارن شرڪت ڪندي سينه زني، زنجيرن ۽ گرزن سان ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. جلوس دوران نوحه خوان نوحن ذريعي فضا سوڳوار بڻائي ڇڏي. جلوس جي شروعات کان اڳ مرڪزي امام بارگاهه شميم حيدر شاهه ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب مان آيل ناليوارا علماءِ ڪرام ۽ ذاڪرن ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين پاران اسلام جي سربلندي خاطر ڏنل عظيم قربانين تي روشني وجهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. مجلس کان پوءِ مرڪزي امام بارگاهه مان علم پاڪ، ذوالجناح، تعزيا، امام باقر ۽ امام قاسم جي مهندين سان گڏ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو مقرر رستن تان گذرندو پنهنجو روايتي سفر طئي ڪندو. جلوس دوران شهر ۾ مختلف هنڌن تي سبيل لڳايا ويا، جتي عزادارن لاءِ پاڻي، شربت ۽ نياز جو انتظام پڻ ڪيو ويو. جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا سخت انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته داخلي رستن تي خار دار تارن سان سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو ويو.