سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي صحت کاتي سنڌ جي ترجمان ٻڌايو ته مختلف ملڪن مان ڪورونا وائرس جا نوان ڪيسز سامهون اچڻ کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ڪراچي جي هدايتن تي پرڏيهه کان ملڪ ايندڙ مسافرن جي ٽيسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن ۾ وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي ترجمان موجب قمرشهدادڪوٽ جو رهواسي 20 ورهين جو مسافر گذريل ڏينهن شارجه کان ڪراچي پهتو هو، ٻئي مسافر جو تعلق پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه سان آهي. مظفر ڳڙهه جو رهواسي 27 ورهين جو مسافر جده کان ڪراچي پهتو هو ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي مريضن ۾ امڪاني نشانين کي نظر ۾ رکندي ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ ڪيا ويا جيڪي مثبت آيا. جي اين وي جي جاچ جي لاءِ ٻنهي مريضن جا نمونا ڊائو يونيورسٽي جي ليبارٽري ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن. ٻنهي مسافرن کي سختي سان ڪورنٽائن جي هدايت سان گڏ گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي صحت کاتي موجب ليبارٽري ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪورونا جي قسم جي باري ۾ خبر پئجي سگهندي. ياد رهي ته ان کان اڳ به پرڏيهه مان ايندڙ ٻن مسافرن ۾ امڪاني ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي. جڏهن ته ليبارٽري ٽيسٽ جي رپورٽ چئن کان پنجن ڏينهن ۾ ملندي آهي.