پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي سيل قائم

 پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي سيل قائم ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب پرڏيهي شهرين جي حفاظت لاءِ جامع سيڪيورٽي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. انهي حوالي سان دستاويز موجب وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڌار ڌار پرڏيهي سيڪيورٽي سيل قائم ڪيا ويا آهن. دستاويزن موجب سيڪيورٽي فريم ورڪ جي تحت وفاقي سطح تي پرڏيهي قومي سلامتي سيل قائم ڪيو ويو آهي جيڪو گهرو وزارت جي ماتحت ڪم ڪندو اهڙي طرح صوبن جي سطح تي صوبائي غير ملڪي سيڪيورٽي سيل ذميواريون انجام ڏيندا. اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به سيڪيورٽي سيل قائم ڪيا ويا آهن. مقامي سطح تي حفاظتي انتظامن جي لاءِ ڊسٽرڪٽ فارنرز سيڪيورٽي سيل پرڏيهين جي حفاظت کي يقيني بنائيندا. پرڏيهي شهرين جي حفاظت لاءِ پوليس، ايس پي يو ۽ ايس ايس يو سيڪيورٽي ذميواريون انجام ڏيندا. انهي کان علاوه پرڏيهي اعليٰ شخصيتن جي سيڪيورٽي لاءِ هٿياربند فوج کي گهرائي سگهبو. پرڏيهين جي سرپرستي ڪندڙ سرڪاري ادارا سيڪيورٽي انتظامن جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪندا. ٻئي پاسي سياحن ۽ پرڏيهي صحافين جي سيڪيورٽي  جا انتظام سياحت کاتي جي ذميواري هوندا سياحت کاتو پرڏيهي سفارتڪارن، سياحن، صحافين، شاگردن، رانديگرن ۽ مذهبي زائرين جي سيڪيورٽي جي نگراني ڪندو.