پنجاب جي گورنر سرڪاري اسپتالن ۾ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيشنل ڪونسل هوميوپيٿي جي وفد پنجاب جي گورنر بليخ الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد پنجاب جي گورنر جو ڌيان سرڪاري اسپتالن ۾ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرن جي خالي سيٽن طرف ڏياريو.نيشنل ڪائونسل هوميوپيٿي وفد جو موقف هو ته ڊسٽرڪٽ، تعلقه اسپتالن ۽ ٽيچنگ اسپتالن ۾ هوميوپيٿي ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي آهن. ڳوٺن جي هيلٿ يونٽس ۽ بنيادي صحت مرڪزن به ۾ هوميوپيٿي ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي آهن.وفد پنجاب جي گورنر کي ٻڌايو ته آبادي متبادل علاج جي طريقي کان محروم آهي. پنجاب جا مختلف ماڻهو هوميوپيٿڪ علاج تي ڀاڙيندا آهن. جنهن کان پوءِ پنجاب جي گورنر هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرن جي ڀرتي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قانون ۽ پاليسي موجب خالي سيٽن تي هوميوپيٿي ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا وڃن.