پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات، ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾برسات کان پوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو جڏهن ته ڪوهيڙي ۾ نمايان گهٽتائي نظر آئي. لاهور، منچن آباد، بصيرپور ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ برسات سبب موسم ٿڌو ٿي ويو، قصور، ننڪانه صاحب، پتوڪي، عارف والا، سهاويل ۽ رينالو خورد ۾ به برسات پئي. ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري سبب ٿڌ وڌي وئي، ڪشمير، مري، گليات ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي انهي کان علاوه آزاد ڪشمير ۾ به ٿڌ رڪارڊ ڪئي وئي، تائو بٽ ۾ پارو ڪاٽو 21، لهه ۾ پارو ڪاٽو 13، پارا چنار ڪاٽو 12، استور ۾ ڪاٽو 11 رهيو. گوپس ڪاٽو 10، اسڪردو ڪاٽو 9، ڪالام ڪاٽو 7 ۽ هنزه ۾ ڪاٽو 6 رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر گهٽ پوڻ جي ڪري موٽر وي ايم 4، پنڊي بهٽيان کان ملتان، جڏهن ته ايم 5 ملتان کان روهڙي تائين بند ڪئي وئي آهي.