پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پهريون ڀيرو سرڪاري دوري تي چين روانو

 پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي وئي آهي، مريم نواز دوست ملڪن جو دورو ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت وزيراعليٰ آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف 8 کان 15 ڊسمبر تائين چين جو دورو ڪندي. سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير عظميٰ زاهد بخاري، وزير ٽرانسپورٽ بلال اڪبر، وزير زراعت عاشق ڪرماني سميت اعليٰ سطحي وفد به وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ آهي. وزيراعليٰ مريم نوازشريف بيجنگ، شنگهائي، شن زين ۽ گوانگ زو جا دورا ڪندي جڏهن ته چين جي وزيرن، اعليٰ اختيارين ۽ ماهرن سان به ملاقاتون ڪندي. پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعليٰ چين ۾ مختلف ملاقاتن، تقريبن ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي. ياد رهي ته وزيراعليٰ مريم نوازشريف کي چين جي حڪمران پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي طرفان دوري جي دعوت ڏني وئي آهي.