پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ تيز طوفان ۽ برساتن سبب فوت ٿي وين جو انگ 29 ٿي ويو آهي جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي آهن.تفصيل موجب جون ۾ ٿيندڙ تيز طوفاني برساتن خيبرپختونخواهه ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون. حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 25 ٿي ويو آهي جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي آهن.ريسڪيو اختيارين موجب سڀني کان وڌيڪ تباهي بنون ۾ ٿي جتي وڏا وڻ ۽ ڀتون ڪرڻ سبب 12 ڄڻا فوت جڏهن ته ٻارن سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا. لکي مروت ۾ ڊيڄاريندڙ منظر نظر آيا اتي به مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪرڪ ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا. ايبٽ آباد ۽ سوات به برساتن تباهي مچائي ڇڏي.ٻئي طرف پنجاب ۾ تيز برسات دوران حافظ آباد ۾ ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته پورٿل ۾ ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙيون فوت ٿي ويون. پي ڊي ايم سمورن ضلعن ۾ تيز برسات سبب نقصانن جا رپورٽ طلب ڪري ورتا. پي ڊي ايم موجب هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. مختلف شهرن ۾ تيز طوفان سبب وڻ ۽ ٿنڀا ڪري پيا. جنهن سبب روڊ بند ٿي ويا. مواصلاتي ۽ بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو. ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.ٻئي طرف ڊائريڪٽر جنرل ريسڪيو ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ڪرڪ، بنون ۽ لکت مروت ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن. ايبٽ آباد ۽ سوات ۾ به پاڻي جا تيز وهڪرا وهڻ لڳا، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳي وئي آهي.طوفاني برساتن جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج سول انتظاميه ۽ عوام جي مدد لاءِ پهچي وئي. متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون ٽيمون امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. ڪيترن ئي زخمين کي ضلعي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.