پنجاب ۾ تيز برسات: مختلف حادثن دوران 12 ڄڻا فوت، 27 زخمي، پي ڊي ايم اي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

 پنجاب ۾ جمعي کان پوءِ تيز طوفاني برسات دوران مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت جڏهن ته 27 زخمي ٿي پيا آهن. پروونشل ڊيزاسٽرمينجمنيٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) پنجاب جمعي جي ڏينهن طوفاني برسات دوران ٿيندڙ جاني نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب 24 ڪلاڪن دوران لاهور، سرگودها، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، فيصل آباد، ڪوٽ ادو، بهاولپور ۾ طوفاني برسات رڪارڊ ڪئي وئي. پي ڊي ايم اي موجب برسات سبب فوت ٿي ويلن ۾ 5 ٻار، 3 عورتون ۽ 4 مرد شامل آهن. صوبي ۾ 27 ڄڻا زخمي ٿيا ۽ 14 متاثر ٿيا. نارووال ۽ ملتان ۾ 3 ڄڻا آسماني کنوڻ سبب حياتي وڃائي ويٺا. پي ڊي ايم اي چيو آهي ته 15 جولاءِ تائين چوماسي جون برساتون پونديون جنهن سبب لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد  ۽ گوجرانوالا ۾ ٻوڏ جو به امڪان آهي. پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ 15 جولاءِ تائين چوماسي جون وڌيڪ برساتون پونديون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاهور، سرگودها، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، فيصل آباد، ڪوٽ ادو ۽ بهاوالپور ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي. برسات سبب پنجاب جي درياهن، بيراجن ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي پر پاڻي جو وهڪرو اڃان به معمول تي آهي. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 53 سيڪڙو ۽ تربيلا ۾ 74 سيڪڙو آهي جڏهن سرحد جي هن پار ستلج، بياس ۽ راوي تي ڀارتي ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح 37 سيڪڙو تائين آهي. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان علي ڪاٺيا چيو ته ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي حساس ضلعن ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.