نئين سال جي شروعات تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 4 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 4 روپيه في ليٽر واڌ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 4 روپيه في ليٽر کان وڌيڪ جو اضافو ٿي سگهي ٿو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين نه ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ روپيو في ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جي باري ۾ اعلان 31 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ ناڻي وارو وزير نئين قيمتن جي باري ۾ اعلان ڪندو.