خيبرپختونخواهه جي حڪومت پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي پيدائش، وفات ۽ نڪاح جا سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب حڪومت پوليو کان بچاءُ واري مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ انوکو قدم کڻندي پيدائش، وفات ۽ نڪاح سرٽيفڪيٽن کي پوليو جي ڦُڙن سان جوڙي ڇڏيو آهي. پشاور شهر جي چوڌاري ۽ وليج ڪونسل جي صوبائي حڪومت پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن جا پيدائشي، وفات ۽ نڪاح جا سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. انهي حوالي سان ڊي سي پشاور طرفان ڊي ايڇ او لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.