پيرجوڳوٺ تعلقا اسپتال تباھ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سراپا احتجاج

پريالوءِ پيرجوڳوٺ تعلقا اسپتال تباھ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سراپا احتجاج اسپتال ۾ ايندڙ ھزارين مريض دبدر پيرجو ڳوٺ سول اسپتال اندر ٽن مھينن کان دوائن جي شديد کوٽ ايم ايس برڪت ڪانھر، ڊاڪٽر عبدالمجيد ڪانھر، ڊاڪٽر انڊيا، ڊاڪٽر نعمت، ڊاڪٽر نديم، آصف علي، اصغر ڊاڪٽر ھدايت اللہ، ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن مھينن کان دوائن جي شديد کوٽ جون شڪايتون بالا آفيسرن کي ڏنيون پر ڪجھ ڪون ٿيو پيرجوڳوٺ سول اسپتال جي روز جي او پي ڊي ھزارن ۾ ھجڻ ڪري دوائون اڻپوريون ملن ٿيون ۽ ايمرجنسي ۾ جيڪو مريض اچي ٿو ان کي دوا نه ھجڻ جو ٻڌايون ٿا ته جڏهن مريضن سان ايندڙ وارثن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ گڏوگڏ وڙھن ٿا جيڪي اڪثر روز اھڙا واقعا معمول بڻيل آھن ڊاڪٽر برڪت ڪانھر جو چوڻ ھيو ته دوائن جي لاءِ بالا آفيسرن درخواست لکي لکي ٿڪجي پيا آھيون پر دوائون ڪون ٿيون ملن ڊاڪٽر ناديا وڌيڪ ٻڌايو ته اڪثر ڊيليوريون ڪرائڻ وقت اسان کي ھينڊ واش به ٻاھران پرائيويٽ اسٽورن تان گھرائڻو پونديون آھي خبر ناھي پيرجوڳوٺ تعلقا اسپتال سان اھڙو حشر ڇو ٿو ڪيو وڃي ھنن جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، وزير صحت کي اپيل ڪئي ته خدارا اسپتال کي دوائون ۽ ڄاڻايل سھولتون ڏئي تباھي کان بچايو وڃي