“پير صاحب پاڳارا جو خطاب: تعليم، زراعت، ۽ سماجي ڀلائي تي زور”

ٺڪراٺو: ٺڪراٺو : زراعت ۾ ڪا به بچت ناهي ڀاڻ ۽ ٽريڪٽر جا هر مهانگا ٿي ويا آهن گذريل سان به حڪومت پنهنجي ذاتي فائدي خاطر ڪڻڪ ٻاهران گهرائي آبادگارن کي ڪڻڪ جي صحيح قيمت نه ڏئي عوام جي تباهي ڪئي هئي تنهنڪري چوپايو مال ڌاريو پنهنجي اولاد خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏيو پاڪ فوج لاء دعا ڪيو ڪنهنجي به عقيدي يا مذهب سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪيو، حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳارا جن دعوت مست سانئلو فقير ڳوٺ الهرکيو مڱريو ۾ مريدن کي زيارت ڪرائي خطاب فرمايو ٺڪراٺو(رپورٽ) حرن جو روحاني پيشوا اعلیٰ حضرت سيد صبغت الله شاھ راشدي پير صاحب پاڳارا ٻن ڏينهن کان ٺڪراٺو ۽ شاهپور مهر ۾ دعوتن جي سلسلي ۾ مريدن وٽ آيل هئا گذريل ڏينهن ٺڪراٺو لڳ يوسي روپهر جي ڳوٺ الهرکيو مڱريو ۾ دعوت مست سائنلو فقير خليفه فقير محمد قاسم مهر دعوتي ريشم فقير مڱريو ۽ فقيرمحمد حيات مڱريو جن وٽ رات ترسيل هئا جتي سندس جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ وڏي ڪثير  تعداد ۾ حرجماعت جا ماڻهون سنڌ پنجاب جي مختلف ضلعن سميت انڊيا جي جيسلمير ٻاڙ مير ۽ ٻين ضلعن مان پڻ وڏي تعداد ۾ جماعت جا ماڻهون ۽ عقيدتمند پهتل هئا جنکي پير صاحب پاڳاري ديدار ڪرايو جماعت کي خطاب ڪندي پير سائين پاڳارا جن چيو ته پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏيو خاص ڪري وڌ کان وڌ نياڻيون پڙهايو ڇو ته هڪ نياڻي پڙهي سمجهو هڪ خاندان پڙهيو پڙهيل لکيل نياڻي پنهنجي ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏيندي مان گذريل هڪ مهيني کان سموري سنڌ ، پنجاب ۽ بلوچستان صوبي ۾ پنهنجي جماعت ۾ هلان پيو مونکي تمام خوشي ٿي آهي ته منهنجي جماعت جا نوجوان انجنيئر ڊاڪٽرز ۽ سٺين نوڪرين لاء ٻاهرين ملڪ وڃن پيا جيڪي اڳ صرف مزدور طبقي طور ويندا هئا  زراعت ۽ زمينداري ۾ بچت ناهي ضرورت موجب ڪڻڪ جو فصل پوکيو وڌ کان وڌ چوپايو مال پاليو ڇو ته مال پالڻ سنت به آهي حڪومت وارا ڪجھ به چون مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته سنڌو درياء مان ڇھ وڏا ڪئنال ٺهن پيا جنهن ڪري اوهان کي ٻوڏ واري سيزن ۾ به پاڻي نه ملندو تنهنڪري اوهان چوپايو مال وڌايو حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ اڄ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ڊي اي پي کاڌ جي هڪ ٻوري ٻارهن هزار روپيه ٿي وئي آهي ته ننڍو ذميندار ڪيئن خرچ برداشت ڪري سگهندو پير سائين پاڳارا جن وڌيڪ چيو ته پنهنجي اوڙي پاڙي وارن جو خاص خيال رکو انهن سان پيار محبت وارو  رشتو رکو پنهنجي ٻارن ڇوڪرن جي سنگت صحبت تي پڻ خيال رکو جيڪڏهن هو ڪنهن غلط صحبت ۾ اچي ويو ته اوهان کي تڪليف ايندي پنهنجي ٻارن سان پيار سان پيش اچو جيڪڏهن سختي ڪندئو ته هو وڌيڪ خراب ٿيندا مريدين کي وڌيڪ تاڪيد ڪندي چيو ته اوهان ڪنهنجي به مذهب فرقي سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪريو توهان پنهنجي عقيدي تي مظبوط رهو ۽ سلسله قادريه جي ذڪر کي ٻھ وقت جاري و ساري رکو ملڪ ۾ دھشتگردي کي سياستدان نه پرپاڪ فوج منهن ڏي پئي دشمنن سان وڙهندڙ فوج جي جوانن لاءِ دعائون ڪيو جيڪي پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿي ويا آهن انهن شهادت جو رتبو ماڻيو آهي پر جيڪي جوان دشمنن جي حملن ۾ زخمي ٿي ويا آهن اهي گهمي ڦري به نه ٿا سگهن پير سائين جن جماعت کي ديدار ڪرائڻ بعد جماعت امت مسلمه ۽ ملڪ جي  سلامتي لاءِ دعا پڻ گهري جنهن کانپوءِ پير صاحب پاڳارو ذاتي مصروفيت سبب ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي يونين ڪائونسلن، روپهر، ۽ يونين ڪائونسل نرڇ جي مختلف هنڌن تي منظور ڪيل جهلا چانهه پارٽين جا رکيل پروگرام ملتوي ڪري ڪراچي لاء روانا ٿي ويا