پي ٽي آءِ احتجاج: جاڙن شهرن مان ڪنٽينر هٽائڻ جو سلسلو شروع، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بحال

 پي ٽي آءِ جي احتجاج واري معاملي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي مان ڪنٽينرز هٽائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو جڏهن ته موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به بحال ڪئي وئي آهي. راولپنڊي کي اسلام آباد سان ملائيندڙ سمورا رستا فيض آباد وغيره لاڳيتو بند آهن، ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون بيهاريون ويون آهن. جاڙن شهرن جي وچ ۾ هلندڙ ميٽرو بس سروس اڃان تائين معطل آهي. جناح ايونيو ۾ سڄي رات مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ اکٻوٽ جو سلسلو هلندو رهيو پر جناح ايونيو، ڊي چوڪ ۽ چائنه چوڪ ۾ هن وقت مظاهرين موجود نه آهن. پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جا تازا دستا اسلام آباد، ريڊ زون ۽ ڊي چوڪ جي چوڌاري مقرر آهن. اندرون شهر ۾ دوڪانون ۽ بازار کليل آهي پر  ڪاروباري سرگرميون نه هجڻ جي برابر آهن. رستن جي بدش سبب ڀاڄين ۽ فروٽ جي سپلائي سميت شهري زندگي سخت متاثر آهي. مريڙهه چوڪ جي هنڌ تان رڪاوٽون هٽايون ويون آهن جڏهن ته مري روڊ موتي محل وٽ به ڪنٽينرز هٽائي سائيڊ تي ڪيا ويا آهن. راجه بازار ڏانهن ويندڙ رستو به ڪليئر ڪيو ويو آهي. امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي پوليس به 30 کان وڌيڪ پڪٽن تي مقرر آهي  جڏهن ته پوليس جا جوان ميٽرو اسٽيشن تي به مقرر آهن. ٻئي طرف موٽر وي ايم ون ۽ ايم ٽو ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. ايم ون تي پٿر ڳڙهه جي هنڌ سميت جتي جتي خندقون کوٽيون ويون هيون انهن کي مٽيءَ سان ڀريو ويو آهي.