پي ٽي آءِ احتجاج کي روڪڻ لاءِ طاقت جي استعمال کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي: خواجه آصف

 دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته حڪومت کي هاڻ  راڄڌاني واري شهر جي حفاظت لاءِ پنهنجي ارادن کي ثابت ڪرڻو پوندو. ڇو ته هن وقت صورتحال انهي طرف وڃي رهي آهي جو جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا هتي   اچي ويهي رهيا ته اهو ملڪ لاءِ وڏو نقصان هوندو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته  هاڻ هڪڙي ئي فيصلي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ڇو ته ڳالهين جو اڃان تائين ڪوبه نتيجو ناهي نڪتو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻئي درجي جي قيادت نرمي ڏيکاري رهي آهي پر بشريٰ بي بي انهي کي هڪ قيمتي موقعو سمجهي اڳيان وڌڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن روڪڻو آهي ته طاقت جي استعمال کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته جيڪا عورت پي ٽي آءِ مارچ جي اڳواڻي ڪري رهي آهي انهي کي رتوڇاڻ نظر اچي رهي آهي انهي کي خبر آهي ته مان ويجهو پهچي وئي آهيان ۽ اڳواڻ بڻجي وئي آهيان، هن وقت هو سمجهي ٿي ته اڳيان وڌڻ سان ئي اسان جو فائدو آهي. هن چيو ته گذريل دور ۾ پي ٽي آءِ باني جڏهن اسلام آباد پهتو ته راڻا ثناءُالله پوري طاقت استعمال ڪئي هئي  جنهن سبب اسلام آباد تي حملو رڪجي ويو هو. هاڻ به  حڪومت کي ساڳئي طاقت استعمال ڪرڻي پوندي. اسان کي هر قيمت تي هن راڄڌاني واري شهر جي حفاظت ڪرڻي آهي.