صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڪنهن شخص يا اداري جو نه پر پاڪستان جو نقصان چاهي ٿو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني اڄ تائين جيڪا به حرڪت ڪئي اها انهي جي پنهنجي خواهش نه هئي، پي ٽي آءِ باني کي خبر ناهي ڪٿان کان نوٽيس اچن ٿا، ڌرڻي جي سڏ سان حڪومت جو نه عوام کي نقصان پهچي ٿو، 126 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ به هن سول نافرماني جو سڏ ڏنو هو. شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني ماڻهن کي چيو ته حواله هنڊي ذريعي پئسا اماڻين، هن بجلي جا بل ڦاڙي ڇڏيا هئا، اها صرف سازش آهي هن چيو ته ڊفينس پراڊڪٽس جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ باني ڪنهن ٻئي جي سازش تي هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني نٿو چاهي ته ڪنهن به اداري ۾ استحڪام هجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني واري واري سان هر اداري کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي، انهي جو ٽارگيٽ ڪو سياستدان يا ادارو نه پر هن جو ٽارگيٽ پاڪستان آهي، هي ملڪ جو نقصان چاهي ٿو، مون کي خبر نه آهي ته پي ٽي آءِ باني جي حياتي کي خطرو آهي يا نه، فيصل واوڊا وڌيڪ ڄاڻ نٿو رکي ڇو ته اهو اسلام آباد ۾ ويٺل آهي. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته فيصل واوڊا سينيٽر، سٺو ۽ نفيس ماڻهو آهي ۽ سٺي سياست ڪري رهي آهي، فيصل واوڊا چاهي ته کيس ڪنهن به سياسي پارٽي جي سربراهي ملي سگهي ٿي.