مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ انهي جي گهر واري ملڪ جو تماشو بنائي رهيا آهن.
سينيٽر طلال چوڌري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي گهر واري ملڪ جو تماشو بنائي رهيا آهن. جڏهن کان اها جوڙي بڻجي آهي پاڪستان ۾ سياست، گورننس کي پنهنجي مفادن جي خاطر نقصان پهچايو پيو وڃي، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ دور ۾ هر پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جو اگهه مقرر هو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست غير سياسي ماڻهن جي هٿ ۾ آهي، پنهنجن مفادن جي ڪري ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳايو ويو، اوهان کي دوست ملڪن کان ملندڙ تحفا ته تمام گهڻا پسند هئا، سعودي عرب بابت ڏنل بيان تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هي هاڻ ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا. انهي ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي ته اڳ به هنن جا احتجاج ناڪام ٿيا، پي ٽي آءِ باني کي اهي طريقا وڌيڪ نقصان پهچائيندا.
هن چيو ته جڏهن اوهان اگهاڙي پيرين ويندا هئا ۽ اتان کان کيسا ڀيري ايندا هئا، جڏهن سعودي عرب اوهان کي پسند نه هو ته انهن کان تحفا ڇو ورتا؟ جيڪڏهن اهي صحيح نه هئا ته انهن جا ڊرائيور ڇو بڻجو.؟ هن چيو ته ڪوڙ تي بيان مٿان بيان ٺاهڻ اوهان جي عادت آهي. ڪوڙا بيان سائفر، آءِ ايم ايف ۽ ڪڏهن چائنه جي شڪل ۾ ٺاهيا ويا. پي ٽي آءِ باني چائنا ۽ انهن جي منصوبن تي ڪرپشن جو الزام لڳايو. سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل هوندو آهي، هي پاڪستان جي دوست ملڪن کي ئي ڇو ٽارگيٽ ڪندا آهن.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين جي گهر واري ۽ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته مديني ۾ عمران خان جڏهن اگهاڙي پيرن هليو ته اڳوڻي آرمي چيف وٽ سعودي اختيارين جون فونون آيون ۽ انهن خدشن جو اظهار ڪندي چيو هو ته اوهان ڪهڙي دين جي ٺيڪيدارن کي وٺي آيا آهيو.
بشريٰ بي بي جي وڊيو بيان تي انهي جي خلاف ٽيگيراف ايڪٽ 1885 جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. بشريٰ بي بي جي خلاف پنجاب جي علائقي ڊيره غازي خان جي جمال خان ٿاڻي ۾ غلام ياسين نالي شخص جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.