تحريڪ انصاف کي هڪ ٻيو ڌڪ لڳي ويو، اڳوڻي صوبائي وزير هشام انعام به پارٽي ڇڏي آهي.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير هشام انعام الله خان چيو ته 9 مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ سان گڏ رهڻ ملڪ سان بي وفائي هوندي، نٿو چاهيان ته منهنجو نالو غدارن جي فهرست ۾ اچي.ان کانسواءِ اجمل وزير به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چنيوٽ جو ضلعي صدر ذوالفقار علي شاهه به عهدي ۽ بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ويو آهي.