پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سڏ تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي اڳواڻي ۾ قافلو پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿي ويو، قافلو هزاره انٽرچينج کان ڊي چوڪ طرف روان دوان آهي. غازي بروته پل تي پوليس طرفان قافلي تي بدترين شيلنگ ڪئي وئي، هزارا انٽرچينج تي عمر ايوب جي قافلي پنجاب پوليس کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو جنهن کان پوءِ علي امين هزارا ڊويزن جي قافلي کي پنجاب پوليس جي گهيري مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هزارا ڊويزن جي مرڪزي قافلي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ 2 ڪلو ميٽر تائين گاڏيون موجود آهن. ضلعي اٽڪ هزارا موٽر وي تي مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون جاري آهن. مظاهرين هزارا موٽر وي پل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو جتي مظاهرين جي پٿراءُ سبب 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. مظاهرين پل تي رکيل ڪنٽينرز کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته هزارا موٽر وي تي 2 پرائيويٽ گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي. ميانوالي کان ايندڙ قافلو سي پيڪ روٽ تي ڍوڪ مسڪين جي ڀرسان موجود آهي. مظاهرين کي بڪله انٽرچينج تي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مظاهرين پوليس سان ٽڪراءُ ۾ پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويا. پر مظاهرين جي وڏي انگ سي پيڪ روٽ مهلو ڳوٺ جي ڀرسان موجود آهي. مظاهرين طرفان اڳڀرائي جي صورت ۾ پوليس ايڪشن ٻيهر ٿيندو. جڏهن ته صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر امين گنڊاپور چيو ته اسان ٻيڙيون ساڙي نڪتا آهيون هر صورت ۾ ڊي چوڪ پهچنداسين هن وقت ڏاکڻي ضلعي جي اڳواڻي عمر امين گنڊاپور ڪري رهيو آهي صوبائي وزير هيلٿ پختون يار خان به وڏي وزير سان گڏ آهي. سي آءِ اي سينٽر اسلام آباد کي سب جيل قرار ڏنو ويو. راڄڌاني واري شهر مان گرفتار ٿيندڙ مظاهرين کي سينٽر ۾ رکيو ويندو. جنهن جو ڪجهه دير ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويندو.