پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي ليول پليئنگ فيلڊ نه ڏيڻ جي الزامن کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي درخواست کي ڏنڊ سان گڏ رد ڪيو وڃي سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي وئي. ملاقات ۾ تحريڪ انصاف کي بيٽ سان گڏ ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو لکت جي جواب ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن طرفان چئني صوبن جي آءِ جيز کي هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن. 26 ڊسمبر تائين تحريڪ انصاف طرفان ملڪ ۾ 33 شڪايتون داخل ڪرايون ويون اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي شڪايتن تي قدم کڻڻ جا تفصيل به سپريم ڪورٽ کي ڏنا ويا آهن. تحريڪ انصاف جي شڪايت تي آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ آر اوز عمل ڪرڻ جون رپورٽون به جمع ڪرايون سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ليول پليئنگ فراهم نه ڪرڻ جي الزامن کي آر اوز جي رپورٽ جي حوالي سان رد ڪريون ٿا. ڊيٽا موجب تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي جي 853 مان 598 نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. تحريڪ انصاف جا 245 نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. صوبائي اسيمبلين لاءِ 1777 مان 1398 نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. صوبائي اسيمبلين لاءِ تحريڪ انصاف جا 379 ڪاغذ رد ڪيا ويا. تحريڪ انصاف جي اميدوارن جا 76.18 سيڪڙو نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.