پي ٽي آءِ هميشه رياست جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي، شايد هاڻ هو ڪڏهن به احتجاج جو سڏ نه ڏئي سگهي: راڻا ثناءُالله

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ هميشه رياست جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، احتجاج جي دوران خيبرپختونخواهه مان 15 کان 20 هزار هٿياربند ماڻهو اسلام آباد لاءِ آندا ويا. جيڪي ماڻهو گمراهه ڪري خيبرپختونخواهه مان هٿياربند جٿا آندا اهي ذميوار آهن. راڻا ثناءُالله چيو ته احتجاج جي دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اڍائي سئو اهلڪار زخمي ٿيا، سڌيون گوليون هنيون ويون جيڪي پي ٽي آءِ وارن هنيون آهن جيڪي ماڻهو پوري معاشري کي تڪليف ڏيندا آهن انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته احتجاج بابت پي ٽي آءِ جو ڪوبه انتظام نه هو. سمورا ڪارڪن پريشان هئا، تحريڪ انصاف جي  قيادت معصوم ماڻهن کي ورغلائي احتجاج ۾ آندو. رانا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ هاڻ ايترو جلدي ٻيهر احتجاج جي پوزيشن ۾ نه ايندي، شايد هاڻ پي ٽي آءِ ڪڏهن به احتجاج جو سڏ نه ڏئي سگهي، اسان اڳ به هنن سان ڳالهين لاءِ تيار هئاسين، اڄ به آهيون، وزيراعظم هنن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو.