پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان جي رهائشگاهه تي پوليس جي ڇاپي هڻڻ تي 5 آفيسرن خاص طور تي ايس ايڇ او مارگله کي ٻئي حڪم اچڻ تائين معطل ڪيو ويو آهي اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب گذريل ڏينهن بيرسٽر گوهر جي گهر مقامي پوليس جي وڃڻ تي جاچ شروع ڪئي وئي هئي. آءِ سي سي پي او ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪنهن به پوليس آفيسر جي ڏوهاري هجڻ تي محڪماڻي ڪارروائي جو يقين ڏياريو آهي ترجمان چيو ته مقامي پوليس هڪ مخبر جي اطلاع تي اشتهاري جي ڳولا لاءِ ايف 7 پهتي جتي خبر پئي ته اهو گهر بيرسٽر گوهر جو آهي، اها خبر پوڻ تي پوليس جي نفري واپس اچي وئي اسلام آباد پوليس موجب بيرسٽر گوهر سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي گهر پوليس وڃڻ جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان پوليس آفيسر کي طلب ڪيو ۽ معاملي جي جاچ جو حڪم جاري ڪيو. ان حوالي سان ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان ڊي پي او سٽي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري تفصيلي رپورٽ 3 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.