پگهارون بند هجڻ سبب فاقا ڪشي واري صورتحال، پوليس اهلڪار 3 معصوم نياڻين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب پهچي ويو

 حيدرآباد نارا جيل جي پوليس اھلڪار توفيق احمد شاھ  پگھار بند ٿيڻ ۽ بنا پيرول جي غير قانوني  جيل کان ٻاھر وٺي  قيدي عورتن کي گھمائڻ  واري زباني حڪم خلاف ٽن معصوم نياڻين کي  وڪرو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پھچي  ٻار وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيڻ لڳو. احتجاج دوران دانھيندي  پوليس اهلڪار ٻڌايو ته هو ليڊيز جيل حيدرآباد ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي،  پر مسلسل 4 مھينن کان سندس پگھار  بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب گھر ۾ فاڪا ڪشي واري صورتحال آهي مجبورن ٻچڙا وڪرو ڪرڻ لاء تيار آھيان،  پگھار  بند ٿيڻ سبب معصوم ٻچا  بکن تي آھن، ھن چيو ته 20 سالن کان ايمانداري سان ڊيوٽي  ڪندو پيو اچان پر جيل سپرنٽينڊنٽ عابدہ سميع عباسي کيس ڊيوٽي تان غير حاضر رھڻ جو جواز ڄاڻائي 4 مھينن کان پگھار  بند ڪري ڇڏي آهي. ھن الزام ھڻندي چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ جيل ۾ قيد عورتن  کي مختلف طريقن ۽ بھانن سان جيل کان ٻاھر گھمائڻ لاءِ زباني حڪم ڏيندي رھندي آھي، جيڪو پيرول کان سواءِ قيدي عورتن کي سندن گھر ۽ ٻين ھنڌن تي  وٺي وڃڻ وارو عمل غير قانوني آھي، قيدي جي فرار ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوار ته مان ھوندس، انڪار ڪرڻ تي چئن مھينن کان غير حاضر ڄاڻائي پگھار بند ڪئي وئي آھي، جنهن سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون. ھن چيو ته ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آھيان گذريل 4 مھينن کان سخت پريشان آھيان پر بند ٿيل پگھار  جاري نه ٿي ڪئي وڃي. ,ھن لاڳاپيل پوليس عملدارن کان مطالبو ڪيو ته سندس بند ڪيل پگھارون جاري ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.