پ پ اڳواڻ محمد علي شيخ پي ايس 23 روهڙي تي نامزدگي ڪاغذ بحال ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته

سکر ۽ روهڙي ۾ عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ اوپا وٺنداسي ۽ ڪندهرا کي تعلقو ڏيڻ جي ڪوشش وٺندس هن اها ڳالهه روهڙي اليڪشن آر او آفس تي پ پ اڳواڻ محمد علي شيخ پي ايس 23 روهڙي تي نامزدگي ڪاغذ بحال ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيند چيو ته اسان روهڙي ۾ گذريل 40 سالن کان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ هاڻي به ڪوشش ڪنداسين ته هن علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ۽ هن علائقي ۾ صحت، تعليم، صاف پاڻي، تفريحي پارڪن جي سخت ضرورت آهي. هن علائقي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ وڌيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي ايس 23 روهڙي مان چونڊجي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، روهڙي ۾ اڳوڻي ميمبر سنڌ اسيمبلي تاج محمد شيخ، اڳوڻو ناظم روهڙي محمد اسلم شيخ ۽ اسان عوام جي خدمت ڪرڻ آيا آهيون ۽ ڏينهن رات محنت ڪندا. پارٽي ڏئي عوام جي خدمت ڪندس، جيالن جوش ۾ نعرا هنيا، پي ايس 23 روهڙي ۾ ڪاميابي بعد حلقي جي عوام جي وڌيڪ خدمت ڪندس.