ڀارتي نجومي سيف علي خان ۽ ڪرينه وچ ۾ جلد طلاق ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 ڀارتي نجومي بالي ووڊ اداڪاره بيبو ۽ سيف علي خان جي وچ ۾ ڏيڍ سال جي دوران طلاق جي حيران ڪندڙ اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. اداڪاره ڪينه ڪپور ۽ سيف علي خان جي جوڙي بالي ووڊ جي خوشحال جوڙين مان هڪ جوڙي مڃي ويندي آهي جنهن 2012 ۾ شادي ڪئي ۽ هن وقت ٻنهي جا 2 پٽ تيمور ۽ جي آهن. ڀارتي ميڊيا موجب سشيل ڪمار سنگهه نالي ڀارتي نجومي طرفان جوڙي جي وچ ۾ ڌار ٿيڻ جي حوالي سان حيران ڪندڙ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن سيف ۽ ڪرينه جي مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. تازو ئي سشيل ڪمار سنگهه پنهنجي انٽرويو ۾ سيف ۽ ڪرينه جي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته سيف ۽ ڪرينه ايندڙ ڏيڍ سال دوران ڌار ٿي ويندا. ڀارتي نجومي انهي جوڙي جي ڌار ٿيڻ تي 2010 ۾ ڪيل پنهنجي اڳڪٿي کي ياد ڪندي چيو ته مون 2010 ۾ پنهنجي بلاگ ۾ لکيو هو ته اها شادي اڳيان نه هلندي ڇو ته اهو سيف علي خان ۽ ڪرينه ڪپور جي ڪنڊلي ۾ لکيل آهي. ياد رهي ته تازو ئي سيف علي خان تي ان جي ممبئي واري رهائشگاهه ۾ حملو ڪيو ويو جنهن دوران سيف علي سخت زخمي ٿي پيو هو. جنهن کان پوءِ اداڪار جي ڀارت جي ليلاوتي اسپتال ۾ سرجري ڪئي وئي. ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ سيف علي طرفان پنهنجي گهر ڀاتين جي حفاظت يقيني بنائڻ جي لاءِ اضافي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون آهن. انهي حملي بابت سشيل ڪمار سنگهه چيو ته اهو اندروني معاملو ٿي سگهي ٿو، شايد اهو معاملو حل نه ٿئي، ڏيڍ سال دوران سيف ۽ ڪرينه ۾ طلاق ممڪن آهي، جيترو به دٻايو وڃي ڪنڊلي صاف ٻڌائي رهي آهي ته ٻنهي وچ ۾ عليحدگي ضرور ٿيندي. ڀارتي نجومي طرفان ڪيل اڳڪٿي ۽ ڀارتي ميڊيا جي خبرن تي اداڪار جوڙي يا ان جي خاندان طرفان ڪنهن به قسم جي رد عمل جو اظهار نه ڪيو ويو آهي.