ڀارت جي والاريل ڪشمير کي ٻين رياستن جيان ٺاهڻ جي ڪوشش قبول نه ڪنداسين: اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته والاريل ڪشمير کي ٻين ڀارتي رياستن جيان ٺاهڻ ۽ اتان جي آبادي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش کي قبول نه ڪنداسين اسلام آباد ۾ يوم استحصال ڪشمير تي اجتماع کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت ڪشمير بابت سلامتي ڪونسل جي قرارداد تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، ڀارت جمهوري آهي ته ڪشميرين کي پنهنجي لاءِ فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو. ڪشمير تي پاڪستان جون سموريون پارٽيون گڏ آهن اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي موجوده حڪومت والاريل ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب مودي سرڪار والاريل وادي کي يونين ٽيرٽري قرار ڏيڻ طرف ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. والاريل ڪشمير کي ٻين ڀارتي رياستن جيان ٺاهڻ ۽ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش کي قبول نه ڪنداسين ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪنهن عالمي تڪرار تي ڪوبه فيصلو نٿي ڪري سگهي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي عالمي جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي اهو واقعو اصل ۾ ڀارت جو فراڊ هو ۽ ڀارت پهلگام تي ڪوڙ ڳالهايو پر انهي جي قسمت خراب هئي. هن چيو ته يوم استحصال ڪشمير تي ملڪ ۾ سياسي احتجاج جي مذمت ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن سياسي احتجاج ڪري ڇا ڀارت کي پيغام اماڻيو پيو وڃي؟ سال ۾ 365 ڏينهن آهن انهي کان علاوه به ڪنهن ڏينهن احتجاج جو سڏ ڏئي سگهجي ٿو.