تفصيل موجب بخشاپور لڳ ڀتي جون بار بار فون اچڻ تي ڳوٺاڻن جو بااثرن ء پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڳوٺ الله رکيو ڇڄڻ م ڳوٺاڻن ڀتي جون ڌمڪيون ملڻ ڪري بااثرن ء پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن حاجي صدرالدين ڇڄڻ نور الدين ڇڄڻ باسط حاجي حسن اختر حسين ڇڄڻ ء ٻين چيو ته اسان کي ڀتي جي لاءِ بار بار فون ڪن ٿا اسان جا معصوم ٻارڙا اسڪول ڏانهن خوف کان نه ٿا وڃن هنن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻه ڏينهن ڀتو نه ڏيڻ تان ڌاڙيلن اسان جي پيرسن لعل بخش ڇڄڻ کي قتل ڪيو ويو آهي ء پوليس هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ايس ايس پي ڪشمور امن امان ڪرائڻ م مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي اسان حڪومت سنڌ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ٿا ته فوري طور واقعي جو نوٽيس وٺي قتل ٿيل لعل بخش ڇڄڻ جا قاتل گرفتار بااثرن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ء ڳوٺاڻن ء اسڪول جي ٻارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي