ڄامشورو ضلعي ۾ ايم نائن موٽر وي تي لوڻي ڪوٽ ڀرسان مني ٽرڪ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڀائرن سميت 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 4 سخت زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب شروعاتي طور تي حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿي ويل ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو اسپتال انتظاميه موجب زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، حادثي جو شڪار ماڻهو ڄمن سان ڀريل مني ٽرڪ حيدرآباد کان ڪراچي کڻي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. ٻئي پاسي ڄامشورو ايم 9 موٽر وي تي هڪ ٻيو حادثو ڪار ۽ مني ٽرڪ وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ڄامشورو ۾ لوڻي ڪوٽ ڀرسان ايم 9 موٽر وي تي ڪار ۽ مني ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي جو رهواسي 30 ورهين جو مظهر آرائين فوت ٿي ويو. ريسڪيو ٽيم لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.