ڄامشورو ۾ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز ڊپارٽمنٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي استادن ۽ شاگردن طرفان شهيد صحافي جان محمد مھر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءۡ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻۡڌي ڊپارٽمنٽ جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي ته احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊي جي چئيرمين ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي, پروفيسر بشير احمد ميمڻ, ڊاڪٽر عبدالرزاق ڇڇر, جاني عالم سولنگي، شاگرد آصف ميمڻ، مظهر جمالي، فياض جمالي، عمران اوٺو، اياز راهو، سميع الله شاهه, مصدق شيخ، عرفان چانڊيو، مزمل حسين ملاح ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 9 مهينا گذرڻ باوجود شهيد سينئر صحافي جان محمد مھر جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا مٿان هڪ ٻيو ڳڀرو نوجوان صحافي نصرالله گڏاڻي کي گولين جو کاڄ بڻائي بيدردي سان قتل ڪيو ويو نصرالله گڏاڻي گهوٽڪي ضلعي جو تمام وڏو صحافي هو هو مظلوم غريب ماڻهن جو آواز بڻجندو هو هنن چيو ته صحافتي تنظيمن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي بيهڻو پوندو تڏهن ٻنهي صحافين جا قاتلن گرفتار ٿيندا ۽ سنڌ حڪومت تي زور ڏين ته هو انهن جي خاندان جي مالي مدد سان گڏ سرڪاري نوڪري ڏئي فوري طور تي قاتل گرفتار ڪيا وڃن جيڪڏهن سنڌ اندر ائين ٿيندو رهيو ته سنڌ جو صحافي محفوظ نه رهندو ان لاءۡ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کي گهرجي تي سنڌ جي صحافين کي تحفظ فراھم ڪري شهيد صحافي جان محمد مھر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.