ڄامشورو: مانجھند لڳ ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر، 16 ڄڻا زخمي

ڄامشورو: مانجھند لڳ ويھ دڙي ڀرسان ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 16 مسافر ٿي پيا.زخمين ۾ شبانا زال وير مل ڪولهي، صاحبه ڪولهي، ثنا اڪرم احمداڻي، غلام عباس احمداڻي، ريحان عباس احمداڻي، حريفا اڪرم، عارش، حُريا احمداڻي، سومار چانگ، لال احمداڻي، نواب محمد، علي اصغر، علي شير جادو، غلام حسين دوداڻي تيوڻو، زينت چانڊيو شامل آهن.جڏهن ته مانجهند اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ ڪري زخمي تڙپندا رهيا، زخمين کي ڄامشورو جي لمس اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.