دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته انهي ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ جي گنجائش نه رهي آهي ته فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ڏوهه ۾ برابر جا ڀائيوار هئا، انهن ٻنهي جا مفاد هڪ جهڙا هئا. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اهو عهد ڪري ورتو هو ته فيض حميد کي ئي لائن ۾ بيهارڻو آهي ته جيئن آرمي چيف اهوئي بڻجي جنهن کان پوءِ ڏهن سالن جو پروگرام جاري آهي. دفاع واري وزير چيو ته انهي خواب جي تعمير لاءِ هنن آخري ڪوشش 9 مئي تي ڪئي ته اداري جي اندر ڪجهه اهڙو ٿي وڃي جنهن سان اسان جو رستو سڌو ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪا چارج شيٽ سامهون آئي آهي انهي جو جوابدار اڪيلو فيض حميد نه آهي پر پي ٽي آءِ باني عمران خان به ساڻس گڏ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي. خواجه آصف دعويٰ ڪئي ته مون کي اطلاع ملي آهي ته فرد جرم پڪين شاهدين تي ٻڌل آهي انهي ڪيس ۾ اصل ڪردارن کي سامهون آڻڻو آهي جنهن جي سرفهرست پي ٽي آءِ باني آهي. ياد رهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيض حميد جي خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي ۽ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب انهي چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون ڀڃڪڙيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پرتشدد واقعن ۾ فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.