چوهڙ جمالي: شاهبندر روڊ تي ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ آمهون سامهون ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

چوھڙجمالي  ڀرسان شاھبندر روڊ تي ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. چوھڙجمالي شھر لڳ کانٽو موري اسٽاپ وٽ  رڪشا ۽ ٽرڪ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿيڻ جي نتيي ۾ رڪشا ۾ سوار 2 ڄڻا عبدالنبي سولنگي ۽ محمدعرس پوڙھو سولنگي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا محمد اشرف سولنگي، ارباب سولنگي، جان محمد سولنگي، سڪندر منڌرو،  مسمات سوني زخمي ٿي پيا زخمين ۽ فوتين کي رورل ھيلٿ سينٽر چوھڙجمالي آندو ويو. پوليس موجب  حادثي جو سبب تيز رفتاري ٻڌايو پيو وڃي، زخمين ۽ فوتين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جي جاچ کان پوءِ وڌيڪ ڄاڻ ملي سگهندي.