چيمپين ٽرافي ڪير کٽيندو؟: نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل ميچ اڄ کيڏيو ويندو

 آءِ سي سي چيميپن ٽرافي جي فائنل ميچ ۾ اڄ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون اڄ مهاڏو اٽڪائينديون. نيوزيلينڊ ۽ ڀارت ٽرافي هٿن ۾ کڻڻ لاءِ بيتاب آهن. 25 سالن کان پوءِ نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون چيمپين ٽرافي جي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون، ڪرڪيٽ جي شوقينن کي وڏي بي صبري سان ميچ جو انتظار آهي. ٻئي ٽيمون فائنل اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، ٻنهي ٽيمن وڏي ميچ کان اڳ دبئي اسٽيڊيم ۾ ڄمي ٽريننگ به ڪئي.ياد رهي ته نيوزيلينڊ 2000 ۾ چيمپين ٽرافي ۾ ڀارت کي شڪست ڏني هئي، 2002 ۾ ٿيندڙ چيمپين ٽرافي ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا کي گڏيل چمپين قرار ڏنو ويو هو جنهن کان پوءِ ڀارت 2013 ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي اهو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو. جڏهن ته 2017  ۾ ڀارت کي پاڪستان جي هٿان 180 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.