چين جي دوري دوران گهڻو ڪجهه سمجهڻ، ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو مليو آهي: مريم نواز

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته چين جو دورو ڪامياب رهيو آهي  دوري دوران گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جو موقعو مليو آهي، صوبي جي عوام انهي دوري جي ثمرن مان فائدو کڻندو. مريم نواز پنهنجي 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گوانگ زو پهتي جتي هن وائس گورنر زينگ گوزي سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي وڏي وزير جي اعزز ۾ خصوصي اسٽيٽ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو. پنهنجي پرجوش ميزباني تي مريم نواز ٿورو پڻ ادا ڪيو. هن چيو ته پنجاب جي وفد جي پرجوش آجيان هميشه ياد رهندي. پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي سان اخلاق جي ڏوري سان ٻڌل آهن. چين تاريخ جي هر موڙ تي پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. پاڪستان ۽ چين جي عوام هڪ ٻئي سان جڙيل آهي. چين جي دوري دوران گهڻو ڪجهه سمجهڻ، ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو مون کي يقين آهي ته پنجاب جي عوام کي منهنجي دوري جا فائدا ضرور ملندا. انهي موقعي تي خيالن جو اطهار ڪندي وائس گورنر گوانگ زو چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ  جي اچڻ کي خوش نصيبي سمجهون ٿا عوام جي خدمت ۽ فلاح بهبود جي لاءِ مريم نواز جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن.