سندھ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته چيني سرمائيدار ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ سرمائوڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. ڪراچي ۾ سرمائوڪاري کانفرنس ۾ خطاب ڪندي شرجيل ميمن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ حڪومت هميشه غير ملڪي سرمائيدارن کي خوش آمديد چيو آهي. هن چيو ته چيني سرمائيدار ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ سرمائوڪاري ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سنڌ حڪومت چيني سرمائيدارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندي. شرجيل ميمن وڌيڪ چيو ته پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هر قسم جي سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ۽ صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت طرفان چيني سرمائيدارن کي مدد ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ غير ملڪي سرمائوڪاري لاءِ سڀ کان موزون علائقو آهي ۽ گرين انرجِي بابت سنڌ ۾ ڪيترين ئي ڪمپنين ڪم ڪري رهيون آهن. اسان ٿر جي ڪوئلي مان 200 سال تائين سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ سان به کسانن کي فائدو ٿيندو، جتي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي محدود پاڻي سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي. چائنيز ٽيڪنالاجي ۽ اسان جي ملڪ ۾ موجود موقعن سان گڏجي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.