ڇوڪرين جي تعليم بابت ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ملالا يوسفزئي پاڪستان پهچي وئي

ڇوڪرين جي تعليم بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان پهچڻ تي تعليم بابت پارلياماني سيڪريٽري ملالا يوسفزئي جو استقبال ڪيو. ملالا يوسفزئي پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ عورتن جي تعليم بابت چيلنجز جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف جي ميزباني هيٺ مسلم معاشرن ۾ عورتن جي تعليم، چيلنجز ۽ موقعن جي عنوان سان ٻن ڏينهن جي عالمي ڪانفرنس اڄ کان جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي رهي آهي جنهن ۾ 44 ملڪن جا 150 وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس جي ميزباني رابطه العالم الاسلامي ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي ڪري رهيا آهن. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ڪندو. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ او آءِ سي سيڪريٽري جنرل  حسين ابراهيم طحه، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻيا وزير خصوصي طور تي شرڪت ڪندا. او آءِ سي جو افغانستان بابت خاص نمائندو طارق بخيت ۽ او آءِ سي جون ٻيون اختياريون به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪنديون. ڪانفرنس جو مقصد ٻارڙين جي تعليم جي حوالي سان حڪومتن، اسلامي ۽ سول تنظيمن جي وچ ۾ نيٽ ورڪ جو قيام آهي.