ڊيرا اسماعيل خان: پوليو ٽيم تي دهشتگردن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد

نامعلوم دهشتگردن جو پوليو ٽيم تي حملي سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو جڏهن ته هڪ ورڪر زخمي ٿي پيو. صوابي ضلعي ۾ به هڪ اهلڪار کي شهيد ڪيو ويو. پوليس موجب خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ڪرڪ بانڊه دائود شاهه ۾ نامعلوم دهشتگردن پوليو ٽيم تي حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ پوليس وڪرر زخمي ٿي پيو. پوليس ٻڌايو ته پوليو ٽيم تي حملو شڪر خيل جي علائقي ۾ پيش آيو، شهيد پوليس اهلڪار پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي تي مقرر هو، پوليس جي وڏي نفري  واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ضلعي صوابي ۾ پرمولي ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪندي پوليس ڪانسٽيبل اشتياق احمد کي شهيد ڪري ڇڏيو. شهيد ڪانسٽيبل اشتياق احمد خان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر صوابي هارون رشيد خان، ايس پي انويسٽيگيشن صوابي افتخار علي، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر نوارالامين خان، آءِ اي علي خان سميت پوليس آفيسر، جوان، شهيد جي وارثن ۽ گهر ڀاتين شرڪت ڪئي، پوليس جي دستن سلامي پيش ڪئي. ڊي پي او صوابي هارون رشيد خان شهيد جي والد سان تعزيت ڪئي ۽ کيس يقين ڏياريو ته نامعلوم جوابدارن کي ٽريس ڪري پنهنجي منطقي انجام تي پهچائينداسين. واقعي کان پوءِ ڊي پي او صوابي جي هدايتن تي سرڪل رزڙ ٿاڻي پرمولي جي لاڳاپيل علائقي ۾ شرپسند عناصر جي خلاف سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشن جاري آهي.