ڊيرا اسماعيل خان: چونڊ سيڪيورٽي تي مقرر پوليس موبائل تي بم حملو، 4 اهلڪار شهيد، 6 زخمي

ڊيرا اسماعيل خان ۾ چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي تي مقرر پوليس موبائل تي بم حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا پوليس موجب نامعلوم دهشتگردن طرفان ڌماڪي کان پوءِ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. ان حوالي سان پوليس لائين مان وڏي نفري کي طلب ڪيو ويو آهي. ڪلاچي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس موبائيل تي بم حملي ۾ 4 جوان شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. اطلاع ملندي ئي پوليس اختياريون به واقعي واري هنڌ پهچي ويون حملي جو نشانو بنجندڙ پوليس موبائيل گره اسلم پولنگ اسٽيشن جي سيڪيورٽي تي مقرر هئي. جنهن ۾ سب انسپيڪٽر خانزاده ۽ ٻيا اهلڪار سوار هئا. نامعلوم دهشتگردن طرفان حملي کان پوءِ انڌاڌنڌ فائرنگ به ڪئي وئي آهي. واقعي کان پوءِ شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.