ڊيرا اسماعيل خان ۾ نامعلوم جوابدارن طرفان پوليس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ لکي مروت جي علائقي غزني خيل جي ڀرسان نامعلوم ماڻهن اوچتو موٽر سائيڪل تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڊيوٽي لاءِ ويندڙ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي جن شاهديون گڏ ڪري لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس علائقي جي ناڪا بندي ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لکي مروت جي ڀرسان پوليس اهلڪارن تي دهشتگردن جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي شهادت ماڻيندڙ 2 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي، هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخواهه پوليس جي بهادر جوانن پنهنجين حياتين جون قربانيون ڏئي تاريخ لکي آهي. ڪي پي ڪي پوليس جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.