اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ڊي چوڪ احتجاج تي داخل ڪيسز ۾ گرفتار 200 کان وڌيڪ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين 2 سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل انصر ڪياني چيو ته هڪ ڪيس جي متن ۾ چيو ويو فائر ٿيو جيڪو پوليس ملازم جي ڇاتي تي لڳو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته فائر ڪنهن کي لڳو ڪنهن هنيو، جنهن تي وڪيل چيو ته اها ناهي ٻڌايو ويو ته فائر ڪنهن ڪيو، ڪنهن کي لڳو، ڪيس جي متن ۾ اهو چيو ويو ته مظاهرين هڪ پوليس ملازم کان لکين روپيه ڦر ڪيا، هاڻ پوليس ملازم ڊيوٽي تي آيو ته پئسا گڏ کڻي آيو هو، سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه آهي. وڪيل انصر ڪياني دليل ڏنا ته سمورن ڪيسز جو متن تقريبن هڪ جهڙو ئي آهي ۽ ڪوبه جوابدار نامزد نه آهي، هر ڪيس ۾ سياسي قيادت کي نامزد ڪيو ويو ڪنهن به ڪارڪن کي نامزد نه ڪيو ويو. ڪيس جو مدعي عام ماڻهو نه پر ايس ايڇ او آهي جيڪو ڪيس جي متن مان چڱي ريت واقف آهي. وڪيل انصر ڪياني چيو ته منهنجي استدعا آهي ته بي گناهه ڪارڪنن کي کنيو ويو، ضمانتون منظور ڪيون وڃن. پراسيڪيوٽر چوڌري زاهد آصف دليل ڏنا ته سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو، سمورن جوابدارن کان مختلف شيون هٿ ڪيون ويون جيڪي آن رڪارڊ آهن، شهادتون ٿيون آهن، پوليس وارا زخمي ٿيا، پراسيڪيوٽر زاهد آصف چوڌري چيو ته هي ضمانت جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه آهن، رد ڪيون وڃن. پراسيڪيوٽر چيو ته اهڙن ڪيسز ۾ گرفتار وڌيڪ جوابدارن جوتعلق افغانستان سان آهي جيڪي غيرقانوني طور تي ترسيل آهن هي اهي افغاني آهن جن دهشتگردي ذريعي پاڪستان جو امن خراب ڪري ڇڏيو آهي. پراسيڪيوٽر زاهد آصف جي دليلن دوران عدالت جي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ وڪيلن ۽ پراسيڪيوٽر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن جي وڪلين دليل ڏنا مان خاموش رهيس، هاڻ منهنجي دليلن تي وچ ۾ نه ڳالهايو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.