ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويدالله محسود تي فائرنگ ڪندڙ هڪ ٻيو جوابدار گرفتار، ڪرفيو برقرار

ڪرم ايجنسي جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود تي فائرنگ ڪندڙ هڪ ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ گرفتار جوابدارن جو انگ 3 ٿي ويو، ڪيس ۾ 5 جوابدار نامزد آهن. رپورٽ موجب ضلعي انتظاميه ٻڌايو ته ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو، جن مان 3 جي گرفتاري عمل ۾ اچي چڪي آهي. پاره چنار پريس ڪلب جي ٻاهران ڌرڻو هڻي روڊ کي بند ڪرڻ جي الزام ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن جي خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪرم ايجنسي جي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو برقرار آهي. ٻئي طرف پشاور جي ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ۾ علاج هيٺ ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد  الله محسود جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. ڊاڪٽرن جاويد محسود جي ران جي هڏي جوڙي ڇڏي آهي. جڏهن ته سومر جي ڏينهن خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم جي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو هو  جنهن سبب غذائي شين جو قافلو روانو نه ٿي سگهيو هو.