اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 9 فيبروري تي ڌانڌلي خلاف تحريڪ نه هلائڻ ۽ سياسي اتحاد نه ٺاهڻ پي ٽي آءِ جون وڏيون غلطيون هيون.هڪ انٽرويو دوران فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني هن وقت مشهور اڳواڻ آهي، باني سان ٽرائل جي دوران 3 ملاقاتون ٿيون آهن، سوشل ميڊيا تي منفي مهم نه هلائڻ گهرجي، يو ٽيوبر پي ٽي آءِ باني کي قرباني جو ٻڪرو ٺاهي پئسا ڪمائي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان 10 ڀيرا چئي چڪو آهي ته هي ملڪ ۽ فوج به منهنجي آهي، پي ٽي آءِ باني اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو نٿو چاهي هن چيو ته الله ڪري نئون سال پاڪستان لاءِ بهتر ثابت ٿئي. مون کي نٿو لڳي ته ملڪ جي صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جي بهتري ايندي.