ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران ضلعي اندر وڌندڙ بدامني اغوا ڦرن ۽ ڪراچي ۾ پٺاڻن هٿان سنڌي نوجوان زاهد حسين ميراڻي جي قتل خلاف گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان سلسلي ۾ اڳواڻن ضلعي صدر حبيب الله سنڌي محمد علي چاچڙ آصف علي مهمداڻي نادر ميراڻي اسلم سبزوئي قائم الدين سبزوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي نااهلي ڪري پورو ضلعو بدامني جي لپيٽ ۾ آهي ڪاروبار بند ٿي چڪو آهي ماڻهو خوف کان لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن ڪير به هت محفوظ نه آهي گذريل ڏينهن ڌاڙيلن ٻن پورهيتن مرتضي کوسو ۽ بدر گهڃيو کي اغوا ڪري ويا آهن پر هتان جا چونڊيل نمائندا خاموش آهن هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري هاڻ اسان جا سنڌي ڪونڌر ڪراچي ۾ به محفوظ نه آهن ڪجه ڏينهن اڳ زاهدحسين ميراڻي کي بنا ڪنهن ڏوھ جي سنڌ دشمن پٺاڻن ان کي شهيد ڪري ڇڏيو اسان اعلي عدليا کي اپيل ڪيون ٿا ته هو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي