ڏکڻ آفريقا کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ شڪست، ڀارت ٻيون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي جو عالمي چيمپين بڻجي ويو

ڀارت دلچسپ مقابلي کان پوءِ ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي هڪ دفعو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي جو عالمي چيمپين بڻجي ويو. ڀارت جي 177 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ ڀارتي بالرز ڏکڻ آفريقا کان کٽيل ميچ ڦري ورتو. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي سگهي، کيس 7 رنسن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. بابارڊوس جي برج ٽائون ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ڀارت طرفان ڪپتان روهيت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 23 جي ڏيل اسڪور تي شرما ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، ان کان پوءِ رشبهه پنٽ بنا ڪنهن رنس ۽ سوريا ڪمار ياديو 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا ڪوهلي ۽ اڪسر پٽيل ذميوارانه بيٽنگ ڪئي ۽ چوٿين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 72 رنسون ٺاهيون. اڪثر پٽيل 31 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان کان پوءِ ڪوهلي ۽ دوبي ڀارتي بيٽنگ کي سنڀاليو پر ڪوهلي 76ر نسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڀارت مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون. ڪوهلي 76، اڪثر 7 ۽ شيوام دوبي 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڏکڻ آفريقا طرفان ايئريخ نورکيا ۽ ڪيسو مهاراج 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڀارت جي 177 رنسن جي حدف ۾ ڏکڻ آفريقا جي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي، شروعاتي 2 وڪيٽون 12 رنسن تي ڪري پيون. ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ۽ ٽرسٽن ٽبس ٽئين وڪيٽ تي58 رنسن جي پارٽنر شپ ٺاهي ٽيم جي پوزيشن مستحڪم ڪئي پر ٽرسٽن ٽيس 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪوئنٽن ڊي ڪڪ 39 رنسون ٺاهي ڪلديپ کي ڪيچ ڏئي ويٺو پر ڪلاس جارحانه اننگز کيڏي ۽ 27 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. آخري اوورز ۾ ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ لاءِ 16 رنسن جي ضرورت هئي پر باردڪ پانڊيا جي بال تي سوريا ڪمار ياديو ملر جو بائونڊري تي بهترين ڪيچ ڪيو. ٻئي بال تي 4 رنسون ٺهيون، پوءِ ٽئين بال تي هڪ رنس ٺهي سگهي، چوٿين بال تي به هڪ رنس ٺهي، پنجون بال وائيڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پنجين بال تي ربادا ڪيچ آئوٽ ٿي ويو ۽ آخري بال تي صرف هڪ رنس ٺهي سگهي، ائين ڏکڻ آفريقا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ڀارت ٻيون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي جو چيمپين بڻجي ويو. ياد رهي ته ڀارت ان کان اڳ 2007 ۾ به ٽي ٽوئنٽي چيمپين بڻجو هو. ويرات ڪوهلي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جڏهن ته جسپريت بمرا پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنا ويا.