کاڻوٺ لڳ ڪوريجا موڙ وٽ انڊس ھاءِ وي تي ڄامشورو کان مانجھند طرف ويندڙ ڪار دادو کان ڄامشورو ويندڙ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽن سالن جي ٻارڙي ھڪ عورت ۽ ٽن مردن سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ۽ جڏهن 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پياٽنھي گاڏين ۾ خوفناڪ حادثو ٿيڻ بعد وين ۽ ڪار ۾ سوار زخمي واقعي واري ھنڌ تڙپندا رھيا جنھن بعد وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن پھچي وين ۽ ڪار ۾ ڦاٿل زخمين کي گاڏين مان ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ٻي پاسي خوفناڪ حادثو ٿيڻ ۽ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب زخمين ۽ فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي جڏهن ته پنج کان وڌيڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب انھن کي لمس استال ڄامشورو مان سول اسپتال حيدرآباد طرف منتقل ڪيو پيو وڃي.