ڪراچي ۾ رات دير سان 4 پوليس مقابلا، 5 ڦورو گرفتار ڪراچي ۾ رات دير سان پوليس مقابلا، 5 ڦورو گرفتار

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ ۾ 4 پوليس مقابلا ٿيا، جنهن ۾ 5 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان ڦر ٿيل مال ۽ غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا. 2 ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، قائد آباد مان پوليس مقابلي بعد جاويد نالي هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، سندس قبضي مان هٿيار، 16 چوري ٿيل موبائيل فون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس پي ملير طارق مستوئي موجب زخمي ڌاڙيل کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، غريب آباد ريلوي ڦاٽڪ وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناظم آباد نمبر 1 ويجهو مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. 7، ۽ سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا