ترجمان موجب، اي اين ايف گوادر جي ساحلي پٽي ويجهو ڪامياب آپريشن ڪيو، جنهن دوران پادري واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا. اي اين ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران جوابدار گاڏي مان هٿيار ٻيڙيءَ ۾ منتقل ڪري رهيا هئا، جڏهن هنن اي اين ايف اهلڪارن کي ڏٺو ته هٿيار ڇڏي فرار ٿي ويا. ڇاپا مار ٽيم ٻيڙي ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا، اي اين ايف موجب هٿ آيل هٿيار يمن ۾ ٻيڙي ذريعي اسمگل ٿي رهيا هئا.